- Advertisement -
وزيراعظم جي خانگائڻ بابت معاملن جي صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته پي آءِ اي خانگائڻ سان حڪومت کي 10 ارب نه 55 ارب رپين حاصل ٿيندا، خانگائڻ سان قومي ايئر لائن جي عظمت آهستي آهستي بحال ٿيندي.
اسلام آباد ۾ سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطا تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي جو چوڻ هو ته ادارن جي خانگائڻ جو عمل 20 سال اڳ شروع ٿيو هو، ماضيءَ ۾ گهڻيون غلطيون ٿيون، خانگائڻ سان سيڙپڪاري ايندي.
محمد علي جو چوڻ هو ته اڄ قومي ايئر لائن جا صرف 18 جهاز هلي رهيا آهن، قومي ايئر لائن جي آپريشنل 18 مان صرف 12 جهاز ليز تي آهن.
هن جو چوڻ هو ته هن وقت تائين قومي ايئر لائن جا 100 جهاز هئڻ گهرجن ها، قومي ايئر لائن سالانو 40 لک مسافرن کي سهولت فراهم ڪندي آهي، قومي ايئر لائن جا لينڊ روٽس سڀ کان وڏو اثاثو آهن.
خانگائڻ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته اهو سفر پهريون ڀيرو 1990ع ۾ شروع ٿيو هو، 2005ع ۾ خانگائڻ جو عمل باقاعده شروع ٿيو هو، قومي ايئر لائن جي خانگائڻ لاءِ 6 مهينا محنت ڪئي.
محمد علي جو چوڻ هو ته خانگائڻ جي عمل ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻي حاصل هئي، خانگائڻ واري ڪميشن جي ٽيم گهڻي محنت ڪئي.
هن چيو ته حڪومت کي پي آءِ اي کي خانگائڻ سان 10 ارب نه 55 ارب رپيا حاصل ٿيندا، 10 ارب روڪ رقم ملندي، جڏهن ته 45 ارب رپين جي حڪومتي ايڪٽوٽي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته قومي ايئر لائن جي ملازمن جو انگ 6 هزار 700 آهي، هفتيوار قومي ايئر لائن 240 رائونڊ ٽرپس ڪري رهي آهي، قومي ايئر لائن وٽ گڏيل طور تي 33 جهاز آهن جن مان 20 جهاز پنهنجا آهن، جڏهن ته 13 ليز تي آهن.
هن چيو ته 24 جهاز 2010ع کان اڳ جا آهن، صرف 2 جهاز 2017ع جا آهن، 2015ع ۾ قومي ايئر لائن جي ناڪاري ايڪٽوٽي 213 ارب رپيا هئي.
محمد علي جو چوڻ هو ته 2024ع ۾ قومي ايئر لائن جو نقصان 700 ارب رپيا هوا، 2015ع کان هر سال نقصان ۾ هئاسين.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ هو ته قومي ايئر لائن جي خانگائڻ جو عمل شفاف انداز ۾ ٿيو، قومي ايئر لائن خانگائڻ هڪ تاريخي موقعو آهي.
عطا تارڙ جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي هدايت تي خانگائڻ جي عمل کي سڌي ريت ڏيکاريو ويو، ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا قومي ايئر لائن جي خانگائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون جيڪي ناڪام ويون.
سندس چوڻ هو ته الله جا شڪر گذار آهيون آخرڪار قومي ايئر لائن پرائيويٽائز ٿي وئي، ان ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا گهڻا ٿورائتا آهيون……
- Advertisement -
