پاڪستان هن وقت غير اعلانيل جنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي: احسن اقبال

- Advertisement -
ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني غير قانوني طور برطانيا مان رقم منتقل ڪئي،  رسيون گهرندڙ پي ٽي آءِ باني پاڻ رسيدون ڇو نه ڏيکاري رهيو آهي؟، ملڪ ٽڪراءَ واري سياست برداشت نه ٿو ڪري سگهي، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ 4 چار سيڪڙو ٿي چڪي آهي، مسلم ليگ ن ۽ پ پ هميشه ملڪي مفاد مٿڀرو رکيو آهي. ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اڙان پاڪستان منصوبي ملڪ جي ترقي کي مضبوط بنيادون فراهم ڪيون آهن، خطي ۾ معاشي استحڪام ۽ مضبوطي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي خطي جي ملڪن سان پنهنجو معاشي مقابلو ڪرڻو آهي، ملڪي معيشيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ شيون ٻاهر اماڻڻ جو منصوبو 30 ارب ڊالر کان هڪ سئو ارب ڊالر تائين پهچائڻو آهي. ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته زراعت، صنعت، ٽيڪنالاجي ۽ تخليقي صنعت کي هٿي وٺرائڻ سندن ترجيح آهي، مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي ۾ وڌ کان وڌ صلاحيت حاصل ڪرڻي آهي، موجوده دور ڊجيٽل انقلاب جو دور آهي. هن چيو ته ملڪ مان پوليو ۽ هيپاٽائٽس سميت ٻين ڪيترن ئي مرضن جو خاتمو سندن هدف آهي، زراعت ۽ سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ نون ۽ پيپلزپارٽي ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪري ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو بنياد رکيو، ٻنهي وڏين پارٽين هميشه ملڪي مفاد مٿڀرو رکيو آهي، ملڪ ٽڪراءَ واري سياست برداشت نه ٿو ڪري سگهي. احسن اقبال چيو ته سائبر سڪيورٽي يقيني بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي لهر کي ڏسي سموري راند سمجهه ۾ اچي ويندي آهي، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ 4 چار سيڪڙو ٿي چڪي آهي. ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته تحريڪ انصاف باني غير قانوني طور برطانيا مان رقم منتقل ڪئي، رسيدون گهرندڙ پي ٽي آءِ باني پاڻ رسيدون ڇو نه ڏيکاري رهيو آهي؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون