خيرپور: دھشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان فاطمه ڦرڙو ڪيس ٻيهر سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل

- Advertisement -
خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جو ڪيس ٻيهر سيڪشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. مک جوابدار اسد شاهه، حنا شاهه، فياض شاهه ۽ امتياز ميراسي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا. فريادي ڌر طرفان وڪيل کانسواءِ ڪوبه عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻيهر سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت جو چوڻ آهي ته ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي انڪري سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن. ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي 13 جنوري تي سيشن ڪورٽ ۾ ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون