پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي ارڙهن ضلعن ۾ نون عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي ارڙهن ضلعن ۾ نون عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر خورشيد جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، قمبر شهدادڪوٽ ۾ صدر قمرالدين گوپانگ، جنرل سيڪريٽري غلام محمد اسراڻ ۽ شڪاپور ضلعي ۾ بابل ڀيو صدر ۽ ذوالفقار ڪماريو کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب ڪشمور ۾ گل محمد جکراڻي صدر، جنرل سيڪريٽري الطاف احمد کوسو، جيڪب آباد ۾ لياقت لاشاري صدر، رضوان اوڍو جنرل سيڪريٽري، سکر ۾ جاويد شاهه صدر، بئرسٽر ويرم خان مهر جنرل سيڪريٽري، خيرپور ۾ نواب وساڻ صدر، اعجاز احمد کهڙو جنرل سيڪريٽري، شهيد بينظير آباد ۾ سليم رزرداري صدر ۽ علي حيدر کي جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو آهي. اهڙي طرح نوشهرو فيروز ۾ سهيل عباسي صدر، مسرور راڄپر جنرل سيڪريٽري، سانگهڙ ۾ علي حسن هنگورجو صدر، جهانگير جوڻيجو جنرل سيڪريٽري، ميرپورخاص ۾ ميرمنور ٽالپر صدر ۽ جنيد بلند خان کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ٿرپارڪر ۾ غلام حيدر سميجو صدر، سشيل ملاڻي جنرل سيڪريٽري، جڏهن ته ٺٽي ۾ صادق ميمڻ کي صدر ۽ امتياز قريشي کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. بدين ۾ اصغر هاليپوٽو صدر، ڊاڪٽر سجاد چانڊيو جنرل سيڪريٽري، ٽنڊو الهيار ۾ ظهير پتافي صدر، گل محمد باغي جنرل سيڪريٽري، ڄامشوري ۾ آصف شاهه صدر، ڊاڪٽر موهن لال جنرل سيڪريٽري، سجاول ۾ محمد علي ملڪاڻي صدر ۽ ريحانا لغاري کي جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو ضلعي صدر ۽ جنرل سيڪريٽريز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
17%
4.2m/s
0%
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون