- Advertisement -
عربي سمنڊ ۾ 48 ورهين بعد آگسٽ جي مهيني ۾ سامونڊي طوفان ٺهي ويو، جنهن جي اثر هيٺ ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، بدين ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان اسنيٰ بابت ڇهون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي طرفان جاري الرٽ ۾ ٻڌايو چيو ويو آهي ته سامونڊي طوفان عربي سمنڊ ۾ اتر اوڀر ۾ موجود آهي ۽ ڇهن ڪلاڪن دوران اولهه طرف وڌي رهيو آهي.
موسميات کاتي موجب، طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان لڳ ڀڳ 200 ڪلو ميٽر ۽ ٺٽي جي ڏکڻ اولهه کان 180 ڪلو ميٽر رهجي ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان اولهه ۽ اوڀر اولهه طرفن حرڪت ڪري رهيو آهي، بلوچستان جي سامونڊي پٽي اوڙماڙا کان طوفان 250 ڪلوميٽر، گوادر جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر کان طوفان 440 ڪلو ميٽر پري آهي.
موسميات کاتي موجب، طوفان جي اثر هيٺ ڪراچي ڊويزن، بدين، ٺٽي، سجاول، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، مٽياري، ڄامشوري ۾ 60 کان 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي حب، لسٻيلا، آواران، ڪيچ ۽ گوادر ضلعن ۾ پهرين سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آهي، طوفاني برساتن سبب مڪران جي سامونڊي علائقن جي هيٺاهين ۾ پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب، سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي پهرين سيپٽمبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
