تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۾ ور شهر بند

- Advertisement -
اسماعيلي مسلم ڪمونٽي جي 49 ھين اِمام ۽ خواجا ڪميونٽي جي مُرشد پِرنس مولانا شاھ ڪَريم اَلحسيني آغا خان جي  لاڏاڻي تي خواجه ڪمينوٽي پاران سوڳ ۾ ور شھر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي خواجه ڪميونٽي جي اڳواڻ محمد علي خواجه، رفيق خواجه، مشتاق خواجه عرفان خواجه، وزير خواجا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پِرنس ڪَريم آغا خان سڄي دنيا ۾ ترقي، تعليم، ثقافت ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ بھترين ڪم ڪيا اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پِرنس ڪَريم آغا صرف اِسماعيلي ڪميونٽي لاءِ نه پر سَڄي اِنسانيت لاءِ هڪ مثالي ڪردار رھيو، جنھن پنھنجي ادارن ذريعي پوري اِنسانيت جي خِدمت ڪَئي. هنن چيو ته پرنس ڪريم آغا جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آغا خان ڊولپمينٽ نيٽورڪ آھي، جيڪو پوري دنيا ۾ ھڪ ڄار وانگر ڦهليل آهي، جنھن جا مختلف شعبا خاص ڪري صحت ۽ تعليم تي پوري دنيا ۾ مثال قائم ڪري رھيا آھن، جنھن مان دنيا جي ليول تي پوريءَ انسانيت کي فائدو حاصل ٿي رھيو آھي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پِرنس ڪَريم آغا خان تعليم جي شعبي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي آغاخان ايجوڪيشن سينٽر ۽ آغا خان يونيورسٽيون قائم ڪري دنياوي ليول تي تعليم جي معيار کي بھتر ڪيو ۽ ان سان گڏ صحت لاءِ پنھجون خدمتون سرانجام ڏيندي آغا خان ھليٿ سينٽر قائم ڪري جديد ٽيڪنالاجي ذريعي انسانن جي زندگيءَ لاءِ موثر قدم کنيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون