- Advertisement -
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آھي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي فون ڪئي ۽ ايران جي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پاڪستاني ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن ڳالهه ٻولهه دوران ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ-ايران سفارتي لاڳاپا جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي به ورجايو.
ٻئي طرف، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي چيو ته آمريڪا سان رابطي جا ذريعا بحال ڪيا ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي نمائندي اسٽيو وٽڪوف جي وچ ۾ رابطا کليل آهن، ضرورت پوڻ تي عراقچي ۽ وٽڪوف جي وچ ۾ پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي وويندي، روايتي ٽياڪڙ سوئٽزرلينڊ ذريعي به رابطا کليل آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ آمريڪا ڪجهه مسئلن جو ذڪر ڪيو، ڪجهه عام خيال سامهون آيا، مجموعي طور تي ايران ڪڏهن به ڳالهين کان پوئتي نه هٽيو آهي. هاڻي آمريڪا جا مختلف بيان سنجيدگي جي کوٽ کي ظاهر ڪن ٿا.- Advertisement -
