پشاور جي علائقي صدر ۾ قائم شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو

- Advertisement -
پشاور جي علائقي صدر ۾ قائم شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. اطلاع تي فائر برگيڊ جون 10 گاڏيون موقعي تي پهچي باهه وسائڻ ۾ مصروف ٿي ويون جڏهن ته ٻين ضلعن مان به فائر فائٽرز جون ٽيمون ۽ فائربريگيڊ جون گاڏيون گھرايون ويون آهن. فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته مجموعي طور تي 26 فائر بگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن، بيٽريون ۽ يو پي ايس ڦاٽڻ سبب باهه جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اختيارين شاپنگ سينٽر جي ڀر ۾ گهر کي به خالي ڪرائي ڇڏيو آهي، شاپنگ سينٽر ۾ بيٽريون ۽ يو پي ايس ڦاٽڻ سبب باهه وڌي رهي آهي. ريسڪيو اختيارين موجب شاپنگ سينٽر ۾ موبائيل فون، يو پي ايس ۽ ٻين اليڪٽرانڪ شين جا دڪان آهن، فوري طور تي ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
31%
4m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون