- Advertisement -
پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن ۽ حوالدار جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آچر ڏينهن انٽيليجنس بنياد تي خيبرپختونخوا جي ضلعي پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن دوران پنجن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو هو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 3 دهشتگرد زخمي به ٿي پيا هئا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله شهيد ٿي ويا هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي شهيدن جي اباڻي علائقن ۾ جنازي نماز ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، جنازي نماز بعد ٻنهي شهيدن جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
