پنجاب جي گهرو کاتي طرفان آءِ جي جيل کي خط، سڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت

- Advertisement -
پنجاب جي گهرو کاتي سڪيورٽي ٿريٽس کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي جيلن جي سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ آءِ جي جيل خانا جات کي خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب گهرو کاتي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڊيالا جيل، اٽڪ جيل، ميانوالي جيل ۽ ڊي جي خان جيل کي سڪيورٽي ٿريٽس آهن. پنجاب جي گهرو کاتي موجب مختلف انٽيلي جنس ايجنسين ۽ سڪيورٽي ايجنسين ٿريٽ الرٽس کان آگاهه ڪيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد گروپ ملڪ دشمنن جي مدد سان ٽارگيٽيڊ حملا ڪري سگهن ٿا، حملن جو مقصد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ انارڪي پکيڙڻ آهي، صورتحال جي تقاضا آهي ته بنا دير قدم کنيا وڃن. خط ۾ آءِ جي جيل خانا جات کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان جيلن ۾ سرچ آپريشن ڪيو وڃي، ٻن هفتن لاءِ جيل ۾ ملاقاتون ۽ دورا ملتوي ڪيا وڃن، جيل جي ٻاهرين حدن ۾ ڪنڊيدار تارون لڳايون وڃن. پنجاب جي گهرو کاتي آءِ جي جيل خانا جات کي لکيل خط ۾ اڊيالا جيل سميت ٻين جيلن ۾ سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.4 ° C
23.4 °
23.4 °
29%
3.2m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون