پنجاب، ڪي پي  ۽ بلوچستان ۾ برسات، ٿڌ ۾ اضافو

- Advertisement -
پنجاب، ڪي پي  ۽ بلوچستان ۾ برسات سبب روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو. راولپنڊي ۾ ڳڙي سان گڏ تيز برسات پئي جنهن سبب ٿڌ ۾ اضافو اچي ويو، چڪلالا 19، شمس آباد 20  ۽ سيد پور ۾ 12 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. چوماسي جي برسات سبب واسا راولپنڊي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، پاڻي جي نيڪال لاءِ واسا عملي کي مختلف علائقن ۾ مشنري سان گڏ الرٽ ڪيو ويو. اسلام آباد جي ڪجهه علائقن ۾ به ڳڙي سان گڏ مينهن پيو، جڏهن ته آئيسڪوريجن ۾ برسات سبب 40 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿيڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. نالا لئي ۾ گوالامنڊي وٽ 7 فوٽ پاڻي بيهجي ويو، جهنگ ۽ چنوٽ ۾ به چوماسي جي برسات سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا. مري ۾ به سياري جي پهرين برفباري ٿي جڏهن ته  ڀمڀر آزاد ڪشمير ۾ آنڌاري ۽ برسات سبب  مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
44%
2.8m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون