- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پي تي آءِ باني جيل ائين ڪاٽي رهيو آهي جيئن هـُـن هوٽل بڪ ڪرايو هجي، هو تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ سهولتون وٺندڙ قيدي آهي، ان باوجود سهولتون نه ملڻ وارو ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيوته پي ٽي آءِ بانيءَ مخالفن کي اونداهي ڪوٺين ۾ رکيو، پر هن وٽ جيل ۾ ست ڪمرا آهن، 24 ڪلاڪ کيس ملازمن جي سهولت آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ ڪوڙو موقف تيار ڪرڻ ۾ ماهر آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر هن ڪوڙو موقف ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هو 190 ملين پائونڊ ڪيس مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته عالمي رسالي ۾ آرٽيڪل جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، اڻ تصديق ٿيل آرٽيڪل ڇپرائڻ سوچيل سمجهيل منصوبو آهي، عالمي ميڊيا کي تصديق ڪرڻ گهرجي، عدليا تي رليف ڏيڻ لاءِ رليف وڌي رهيو آهي.
طلال چوڌري چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ميڊيا کي گمراهه ڪرڻ پي ٽي آءِ بانيءَ جي عادت آهي، پي ٽي آءِ باني چاهي ٿو ته سندس سمورا گناهه معاف ڪيا وڃن.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ افرا تفري پکيڙڻ پي ٽي آءِ بانيءَ جي سوچ آهي، 9 مئي تي ملڪي ادارن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني سمجهي ٿو ته وري ڪو کيس ڪلهن تي کڻي وزيراعظم هائوس وٺي ويندو- Advertisement -
