- Advertisement -
پير ڳوٺ ويجهو بدامني وڌي وئي، ڦر جي ڪوشش دوران گاڏي نه بيهارڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
گل شاهه پڪٽ ڀرسان هٿياربندن گاڏيءَ کي روڪڻ لاءِ اشارو ڏنو، گاڏي نه بيهارڻ تي ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ شاهپور واسي 3 نوجوان زخمي ٿي پيا.
علائقي واسين پهچي زخمي ٽنهي نوجوانن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
علائقي واسين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري ۽ ڦر جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن، پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل آهن.
هنن ايس ايس پي خيرپور کان گُهر ڪئي ته علائقي ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرايو وڃي.- Advertisement -
