- Advertisement -
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ پاور شيئرنگ بابت معاهدي جي باقي نقطن تي مرحليوار عمل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ پ پ جي ميمبرن کي مسلم ليگ ن ميمبرن جي برابر فنڊ ڏيڻ جو فيصلوڪيو ويو.
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جو گڏيل اجلاس گورنر هائوس لاهور ۾ منقعد ٿيو، جنهن ۾ راڻا ثناءُالله، مريم اورنگزيب، اعظم تارڙ، ملڪ احمد خان، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نديم افضل چن، حسن مرتضيٰ ۽ علي حيدر گيلاني شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پاور شيئرنگ جي واعدن ۽ پنجاب ۾ پ پ جي خدشن تي عمل جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته حڪومتي اتحاد وچ ۾ لکت واري معاهدي تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ معاهدي جي ٻين نقطن تي مرحيليوار عمل تي اتفاق پڻ ڪيو ويو، جنهن تحت ڪجهه نقطن تي فوري ۽ باقي نقطن تي بعد ۾ عمل ٿيندو.
حڪومت طرفان قانونسازي، بجيٽ ۽ پاليسين تي وقت کان اڳ پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب پنجاب جي کٽيل ضلعن مان پ پ جي مرضيٰ جا آفيسر مقرر ٿيندا ۽ پ پ جي ميمبرن کي مسلم ليگ ن ميمبرن جي برابر فنڊ ڏنا ويندا.
حسن مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته پ پ طرفان اقتدار ۾ حصو وٺڻ جو تاثر درست ناهي، مسئلن جي حل لاءِ هڪ سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
