تازه ترين

پيپلزپارٽي 14 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڳڙهي خدا بخش ۾ ملهائيندي: سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي 14 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڳڙهي خدا بخش ۾ ملهائيندي. سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مزار ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ چيف ميٽرولاجسٽ سرفراز احمد توڙي ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران شهيد ڀٽو جي ورسي، سڪيورٽي، ٽريفڪ انتظامن ۽ پاڻي جي دستيابي سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڳڙهي خدا بخش ۾ هر سال ٽريفڪ مينيجمينٽ جو مسئلو ٿيندو آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته سڪيورٽي ۽  ٽريفڪ بابت انتظامن جو جائزو ورتو آهي. وڏي وزير لاڙڪاڻي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته جلسي دوران بجلي سپلاءِ يقيني بڻائي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيف ميٽرولاجسٽ سرفراز احمد کان موسم بابت بريفنگ ورتي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته  لاڙڪاڻي ۾ هلڪي برسات ۽ تيز هوائن جي اڳڪٿي آهي. سيد مراد علي شاهه، لاڙڪاڻي جي انتظاميا کي سائن بورڊن کي هڪڀيرو ٻيهر ڏسڻ جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته هر سال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي 4 اپريل تي ملهائي ويندي آهي پر رمضان جي ڪري هن ڀيري 14 اپريل تي ورسي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون