- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي لاهور ۾ به اليڪشن لاءِ تيار آهي، هو ته ميدان ۾ لهي چڪا آهن، ن ليگ جو اميدوار ڪير آهي؟
لاهور ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن کان ڀڄڻ مسلم ليگ ن جي عادت آهي، ن ليگ چاهي يا نه پر عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون.
هن چيو ته هو ته ميدان ۾ لهي چڪا آهن، ڪنهن کي خبر ئي ناهي ته مسلم ليگ ن جا اميدوار ڪهڙا آهن، کيس به ڪا ڄاڻ ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ڪنهن کان ڊڄڻ يا گهٻرائڻ وارا نه آهن، پ پ ڄمي مقابلو ڪندي، لاهور ڀٽو جو آهي ۽ هميشه رهندو.
پ پ چيئرمين چيو ته پ پ کي عوامي خدمت تي يقين آهي، 30 لک گهرن جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ عوام کي تير تي ٺپو هڻڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم ٿيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ به اضافو ڪندو، اختلاف وساري هڪ مهينو سخت جدوجهد ڪرڻي آهي، هو پوئتي هٽڻ يا گهٻرائڻ وارا ناهن.- Advertisement -
