صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪنهن پارٽي تي پابندي جي حامي نه آهي، پ پ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جي حمايت نه ڪندي، علي امين گنڊاپور صوبي جي وڏي وزير هئڻ باوجود ملڪ جي گادي واري شهر تي ڪاهه ڪئي، علي امين گنڊاپور صوبي جا وسيلا وفاق خلاف استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن نه مڙيو ته قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته تحريڪ انصاف جو مقصد جي معيشيت کي نقصان پهچائڻ آهي، اوهان جي گرفتاري ٻين سياسي ماڻهن کان مختلف نه هئي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني ملڪ جي ڪنهن به اداري کي بخش ناهي ڪيو، هن آءِ ايم ايف سان معاهدو متاثر ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، ايس سي او جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڊراما شروع ڪيا ويا.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هي مسلم ليگ نون حڪومت خلاف نه ملڪ خلاف سازش ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو مقصد هو ته حڪومت دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني جو رڪارڊ رهيو آهي ته هن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڀلي ملڪ تباهه ٿئي ته ٿئي، 2014ع ۾ پي ٽي آءِ ڌرڻي سبب چيني صدر جو دورو ملتوي ٿي ويو، آءِ جي، ڊي آءِ جي کي ڌمڪيون، پارليامينٽ، پي ٽي وي ۽ ٿاڻن تي حملا ڪيا ويا.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي رقم نه اماڻڻ ۽ بل ساڙڻ جا اعلان ڪيا ويا، بدقسمتي سان اهو ماڻهو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو، بي اعتمادي رٿ دعران پي ٽي آءِ باني ملڪ کي 4 ٽڪرا ڪرڻ ۽ ايٽمي اثاثا ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.
سعيد غني چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ باوجود پيٽرول سستو ڪيو ۽ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي کي نقصان پهچايو، سمورن ڪمن جو مقصد ايندڙ حڪومت لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ هو.
