تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٿرپارڪر ۾ برساتون نه پوڻ سبب ڏڪار واري صورتحال شدت اختيار ڪري ورتي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ٿرپارڪر ضلعي ۾ سانوڻي جون برساتون نه پوڻ سبب ڏڪار واري صورتحال شدت اختيار ڪري ورتي آهي .

 فصل ۽ چوپائي مال جو چارو سڪي ٺوٺ ٿي ويو، ماروئڙن جي اربين روپين جو نقصان ٿي ويو.

ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر ڏڪار جو خدشو ظاهر ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي .

ٿر ۾ گهربل برساتون نه پوڻ ڪري گاھ مڪمل سڪي تباھ ٿي ويو، ماروئڙن جو برسات تي پوکيل فصل گوار، ٻاجهر، تر، منگ، ڪورڙ، چوئنرا ۽ ٻيا فصل ٻج به موٽائي سگهيا.

 فصل سڪي ڇڻڻ لڳو آهي، جڏهن ته ماروئڙن کي ٻج ۽ کيڙي سميت 3 مهينا پوري خاندان سميت ڪيل مزدوري واري رقم به نه ملي سگهي.

مٺي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کان ورتل رپورٽ ۾ مختيارڪارن فصل ۽ گاھ سڪي وڃڻ جي رپورٽ تيار ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو.

ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر سنڌ حڪومت کي ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏيڻ لاءِ لکپڙهه شروع نه ڪئي.  ٿر واسين پاران پوکيل ٻج ۽ کيڙي سميت 3 مهينا ڪيل مزدوري واري خرچ گچي ۾ پوڻ تي ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏئي امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
22 %
3.4kmh
89 %
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون