تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي 4 سال مڪمل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي 4 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙي جي موقعي تي صبح نائين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف عوامي ميڙاڪا، ريليون، واڪ، سيمينار، تصويري نمائش ۽ ٻيا آگاهي پروگرام ڪوٺايا پيا وڃن.

ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جي حوالي سان دنيا کي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن وڏن شهرن ۾ ڊجيٽل اسڪرينون لڳائي ڪري هندستان پاران ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جون ڊاڪيومينٽريز ڏيکاريون پيون وڃن.

اسلام آباد ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائرا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارت خلاف ۽ ڪشميري عوام جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.

ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان عالمي برادري کان 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ريلي کي خطاب ڪندي قمر الزام ڪائرا چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ باوجود ڪشميرين جي جدوجهد جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت طرفان والاريل وادي ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڇڪڙين جو سلسلو جاري آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائرا چيو ته گڏيل قومون ڪشمير بابت پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائن، پاڪستان ڪشميرين جي هر طرح جي حمايت جاري رکندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون