تازه ترين

ڀريا سٽي ۾ ٽرانسفارمر جي لڙڪيل تار مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت

- Advertisement -
ڀريا سٽي ۾ ٽرانسفارمر جي لڙڪيل تار مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي  ويو، جڏهن ته وارثن پاران لاش قومي شاهراهه تي رکي سيپڪو خلاف ڌرڻو هنيو ويو . رورل هيلٿ سينٽر پويان ٽرانسفارمر جي تار مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 10 سالن جو تنوير علي پٽ سهڻو ڪلهوڙو فوت ٿي ويو. ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن پاران  نينگر جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هڻي سيپڪو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سيپڪو عملي جي لاپرواهي سبب ٽرانسفارمر جي لڙڪيل  تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سندن نينگر فوت ٿيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  نينگر جي موت جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
2.9kmh
93 %
اڱارو
26 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون