- Advertisement -
ڄامشوري جي مختلف علائقن ۾ ون فائيو پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
پوليس ڪارروائي دوران منشيات سپلاءِ ڪندڙ محمد راول ملاح، احمد علي شاهاڻي ۽ محمد علي خاصخيلي کي گرفتار ڪري مين پڙي گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ چوري سميت انڊين گٽڪو ۽ نشي واريون سوپاريون هٿ ڪري ورتيون.
پوليس جو چوڻ هو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري آهن، گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن پوليس جي ڪارروائي باوجود شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي موجودگي ۾ وڏي پئماني تي آئيس، چرس، مين پڙي، گٽڪو، توڙي ڪچي شراب جو وڪرو جاري آهي.- Advertisement -
