- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب، 20 فيبروري تي راولپنڊي جي رهواسي عبدالواسع سوشل ميڊيا تي چيف جسٽس خلاف غليظ ۽ ڌمڪين واري مهم ۾ حصو ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالواسع سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪردار ڪشي ڪئي.
ذريعن موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري ڪارروائي ڪندي عبدالواسع کي گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف سوشل ميڊيا مهم جي ٻين ڪردارن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
ذريعن موجب، باقي ملوث ماڻهن جي نشاندهي بعد اهڙا سمورا ماڻهو جيڪي هن ڪريل سوشل ميڊيا مهم ۾ حصو وٺي رهيا آهن سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.- Advertisement -
