- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو خواهشمند ناهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ته چيف جسٽس سان هن ۽ اٽارني جنرل ملاقات ڪئي.
هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي ٰواضح طور چيو ته کيس ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي ڪا به دلچسپي ناهي.
اعظم نذير تارڙ چي ته چيف جسٽس معزز شخص آهي، ان بابت اهو چوڻ ته مدي ۾ واڌ وٺي رهيو آهي، اهو درست ناهي، سڀني کي گذارش آهي ته هاڻي ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهائن.
وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس جي واڌ جي ڳالهه هاڻي ڇڏڻ گهرجي.- Advertisement -
