تازه ترين

چيني سيڙپڪارن سنڌ پوليس خلاف هيسائڻ ڪرڻ جا الزام واپس وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

- Advertisement -
چيني سيڙپڪارن سنڌ پوليس خلاف هائيڪورٽ ۾  هيسائڻ ۽ ڀتو گهرڻ وارا الزام واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي. چيني سيڙپڪار سنڌ پوليس تي لڳايل الزام چار ڏينهن به بيهي نه سگهيا. سنڌ هائيڪورٽ ۾ هيسائڻ ۽ ڀتي خوري جهڙا الزام مڙهيا ويا هئا، جنهن تي عدالت 24 جنوري تي سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت، پرڏيهي وزارت ۽ چيني سفارتخاني توڙي قونصليٽ کان جواب طلب ڪيو. ٻه چيني سيڙڦڪارن درخواست واپس وٺڻ واري اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته اعليٰ عملدارن طرفان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ سندن خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي ايسوسيئشن جي سربراهه ليِ جو چوڻ هو ته پوليس الزام غلط فهمي جي بنياد تي لڳايا ويا، جيڪي هاڻي حل ٿي چڪا آهن. چيني شهرين جي سڪيورٽي تي مقرر اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جي ڊي ايس پي اسد رضا جو چوڻ هو ته چيني پوليس جي سڪيورٽيءَ مان مطمئن آهن ۽ بنا دٻاءُ ڪيس واپس وٺي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
62 %
2kmh
0 %
آچر
23 °
سُومر
31 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون