- Advertisement -
وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولائن ليوٽ چيو آهي ته امريڪا چين جي آءِ اي ايپ جي امريڪي قومي سلامتي کي ٿيندڙ امڪاني نقصانن کي ڏسي رهيو آهي.
امريڪي صدر ٽرمپ جي قسم کڻڻ کانپوءِ وائٽ هائوس جي پهرين پريس بريفنگ وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولائن ليوٽ ڪئي.
وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ٽرمپ پهرين فيبروري تي ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو مٿان ٽيڪس لڳائڻ جو ارادو رکي ٿو.
هن چيو ته وفاقي حڪومتي فنڊنگ جي بندش عارضي آهي.
واضع رهي ته وفاقي عدالت فيڊرل گرانٽس ۽ قرضن کي منجمد ڪرڻ بابت صدر ٽرمپ انتظاميا جي قدمن کي روڪي ڇڏيو آهي.
وفاقي جج طرفان اهو حڪمنامو اهڙي وقت جاري ڪيو ويو آهي جڏهن فنڊنگ کي منجمد ڪرڻ بابت صدارتي حڪمنامي تي ڪجهه منٽن بعد عمل شروع ٿيڻو هو.- Advertisement -
