- Advertisement -
ڊکڻ ويجهو غلام شاهه جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪيو.
ڊي ايس پي نبي شاهه وڳڻ سيد وريل شاهه جي اڳواڻي ۾ ڊکڻ، بڊو، ڳڙهي ياسين، همايون، جهان واهه، نبي شاهه، گولو دڙو سميت 9 ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ ميانداد ۽ الله ڏنو جکراڻي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو.
پوليس آپريشن جو اڳواٽ اطلاع ملندي ئي جوابدار ڳوٺ ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.
پوليس جو چوڻ هو ته ڏوهارين جي گرفتاري تائين سندن آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
