ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻار سميت 8 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻار سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اورنگي ٽائون 10 نمبر غوثيه چوڪ ويجهو گهر اندر زوردار سلينڊر ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 عورتون، 3 مرد ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ عرفان، ابوبڪر، فيضان، فرقان، انعم، ندا، اقرا ۽ رابعه شامل آهن. گهر اندر زوردار سلينڊر ڌماڪي بعد وڏي انگ ۾ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون پڻ پهچي ويون، جن زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. زخمين کي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون