تازه ترين

ڪراچي جي فيريئر هال مان نوجوان آرٽسٽ سيفي سومري جون تصويرون چوري ٿيڻ وارو معاملو غلط فهميءَ جو نتيجو قرار

- Advertisement -
ڪراچي جي فيريئر هال مان نوجوان آرٽسٽ سيفي سومري جون تصويرون چوري ٿيڻ وارو معاملو غلط فهميءَ جو نتيجو قرار ڏنو ويو آهي. نوجوان آرٽسٽ سيفي سومريَ جي پينٽگز واري معاملي تي  ثقافت کاتي جي جاچ ڪميٽيءَ تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٻه رڪني ڪميٽيءَ تفصيلي رپورٽ سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي پيش ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب ڊرامي ۾ نظر آيل پيٽنگز سيفي سومري جون ئي آهن، ڊرامي جي شوٽنگ فيريئر هال  ۾ڪئي وئي هئي، مختلف وڊيوز ڏسڻ سان به واضح ٿئي ٿو ته ڊرامو فيريئر هال ۾ شوٽ ڪيو ويو. رپورٽ موجب نمائش سبب پينٽگز کي هڪ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو، آرٽسٽ پنهنجي پينٽگز واپس وٺڻ ۾ دلچسپي ظاهر نه ڪئي، پينگنز مالڪ ۽ فيريئر هال انتظاميا وچ ۾ غلط فهمي ٿي، پينٽگز اتي ئي موجود آهن. پينٽگز واري معاملي جي جاچ لاءِ ڊي جي  ثقافت منور مهيسر ۽ ڊي جي آرڪيالاجي عبدالفتح شيخ کي مقرر ڪيو ويو هو، جن فيريئر هال ۾ عباس رضا رضوي، سينيئر ڊائريڪٽر ڪلچر اينڊ اسپورٽس ڪي ايم سي، منصور احمد ۽ ٻين کان ڄاڻ ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
33 %
2.9kmh
39 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون