تازه ترين

ڪراچي: سائٽ ايريا ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ پرڏيهي شهري زخمي

- Advertisement -
ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ سڪيورٽي گارڊن ۽ پرڏيهي شهرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران سڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ 2 چيني شهري زخمي ٿي پيا، صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان تفصيل طلب ڪري ورتا. سائيٽ ايريا ۾ سڪيورٽي گارڊن ۽ پرڏيهي شهرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران سڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 چيني شهري زخمي ٿي پيا، زخمي ٻنهي پرڏيهي شهرين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار معاملي جو نوٽيس وٺندي، سڪيورٽي گارڊ جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪندي، ڊي آءِ جي ڏکڻ کان تفصيل طلب ڪري ورتا. صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪري حقيقتن جو پتو لڳايو وڃي، جاچ رپورٽ تي مشتمل تفصيل ۽ پوليس ڪارروائي کان آگاهه ڪيو وڃي. صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته چائنيز ماهرن ۽ غير ملڪين کي سڪيورٽي فراهم ڪندڙ ڪمپنيز جي آڊٽ ڪئي وڃي. ضياءُ لنجار جو چوڻ هو ته سڪيورٽي جهڙن اهم فرضن تي مقرر ڪيل گارڊز جي جسماني ۽ دماغي فٽنس ٽيسٽ کي يقيني بڻايو وڃي، فزيڪل ۽ دماغي ٽيسٽ جي حوالي سان سڪيورٽي ڪمپنيز کي پابند ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته تربيت يافتا ۽ مڪمل فٽ سڪيورٽي گارڊن کان ئي خدمتون ورتيون وڃن، ان رجسٽرڊ ۽ غيرقانوني سڪيورٽي ڪمپنين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون