- Advertisement -
لاڙڪاڻو پوليس طرفان جعلي ڪرنسي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري لکين رپيا جعلي ڪرنسي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو ٻڌايو ته ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي جي نگرانيءَ ۾ دڙي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري جعلي ڪرنسي جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري سندس وٽان 4 لک 91 هزار رپيا جعلي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته جعلي ڪرنسي ۾ ملوث گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ شفقت عباس ميراڻي طور ٿي آهي، جنهن مٿان پوليس جي فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جعلي ڪرنسي جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث گروهه جي ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪندي ڪيس ۾ جاچ جي دائري کي وڌائي ڇڏيو آهي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته ڪو به جوابدار جعلي ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث نڪتو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.- Advertisement -
