- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هندو برادري کي هولي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته هولي بهار جي آمد تي رنگن جو ڏڻ آهي، جنهن ۾ خوشي ۽ امن جا پيغام آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اقليتن کي پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪي ترقي ۾ هندو برادري جو هڪ وڏو ڪردار آهي، سندن حڪومت اقليتي برادري جي زندگي جي هر شعبي ۾ سمورين سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت هولي کان اڳ ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن سميت الائونس به جاري ڪري ڇڏي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اقليتن جو ڏينهن ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هندو برادري هن ڌرتي تي امن ۽ خوشحالي سان رهي پئي ۽ ملڪي ترقي ۾ سندس هڪ ڪردار آهي- Advertisement -
