تازه ترين

ڪراچيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف ريلي ڪڍي

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رياض چانڊئي چيو ته سنڌو درياهه ڪروڙين انسانن جي جيئڻ جو ذريعو آهي، جنهن تي پنجاب جو قبضو آهي، جنهن ڪري سنڌ جون زمينون بڻجر بڻيل آهن. هن چيو ته چشمه جهلم ڪئنال تي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ قانوني معاهدو ٿيو هو ته ٻوڏ دوران اهو ڪئنال کوليو ويندو پر اهڙا ڪئنال 12 مهينا درياهه سنڌ جو پاڻي کڻي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي ماحولياتي ادارن سان گڏ ملڪي ادارن جي رپورٽ موجب ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي 40 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي. رياض چانڊئي چيو ته آصف زرداري پنجاب جي ڦرلت ۽ ڏاڍ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه ۾ وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍي پنجاب کي خوش ڪري رهيو آهي، 1991 واري پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ کي زرعي معاشي ۽ ماحوليات طور تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته  عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪيو ويو، جنهن جي مذمت ڪن ٿا، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. احتجاجي مظاهري ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ جي سربراهه ممتاز بروهي، نذير احمد شيخ، ديدار جلباڻي، ضمير حسين حاجاڻو، سليم حاجاڻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون