تازه ترين

گجرانوالا: راڻا ثناءَ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

- Advertisement -
گجرانوالا جي عدالت اڳوڻي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري 12 ڊسمبر تي  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گجرانوالا جي جوڊيشل مئجسٽريٽ سدره گل نواز گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري 12 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. راڻا ثناءُ الله خلاف سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪيس 16 آڪٽوبر 2020ع تي گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي جي ڏهاڙي داخل ڪيو ويو هو. ايف آءِ آر ۾ ڪنٽينر هٽائڻ ۽ پوليس اهلڪارن تي گاڏي چاڙهڻ جو الزام آهي. ڪيس ۾ خرم دستگير، عمران خالد ۽ سلمان خالد بٽ پهريان ئي بري ٿي چڪا آهن، جڏهن ته پوليس راڻا ثناءُ الله بابت ڪيس جو چالان دير سان جمع ڪرايو هو. پوليس راڻا ثناءُ الله کي بيگناهه قرار ڏيندي 173 جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي. عدالت پوليس رپورٽ رد ڪندي راڻا ثناءُ الله کي طلب ڪيو هو. عدالت طرفان طلب ڪرڻ باوجود مسلسل غير حاضري تي راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
34 %
2.3kmh
40 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون