تازه ترين

گذريل ستن ڏهاڪن کان اسرائيل فلسطين ۽ بيت المقدس تي ناجائز ۽ غيرقانوني طور قابض آهي :وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هن سميت سموري پاڪستان قوم اڄ القدس جي ڏهاڙي تي اسرائيلي جارحيت، ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪن ٿا ۽ پنهنجي هٿين خالي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪن ٿا. القدس جي ڏهاڙي ۽ رمضان شريف جي آخري جمعي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته گذريل ستن ڏهاڪن کان اسرائيل فلسطين ۽ بيت المقدس تي ناجائز ۽ غيرقانوني طور قابض آهي. سندس چوڻ هو ته اسرائيل پنهنجو قبضو قائم رکڻ لاءِ عالمي قانون ۽ انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪندو پيو اچي جنهن تي عالمي برادري خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل سال آڪٽوبر کان اسرائيل هٿين خالي فلسطينين تي ظلم جا جبل ڪيرائي رهيو آهي، غزه ۾ هن وقت تائين 17 هزار ٻارڙن سميت 32 هزار فلسطيني شهيد ۽ 70 هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته اسپتالن، پناهگاهن ۽ ٻارن جي اسڪولن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو، هن وت تائين امدادي سامان جي پهچ کي روڪيو ويو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي جنگبندي جي ٺهراءَ باوجود بمباري جاري آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته هو اسرائيل تي فلسطينين خلاف ظلم روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان شريف جي آخري جمعي تي اپيل آهي ته فلسطيني ۽ ڪشميري ڀائرن کي دعائن ۾ ياد رکن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون