- Advertisement -
گرميءَ جي شدت ۾اضافي بعد گليشيئر تيزيءَ سان ڳرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري درياهن جا وهڪرا 3 لک 67 هزار ڪيوسڪ ٿي ويا آهن.
ارسا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته تربيلا ۾ في الحال پاڻيءَ جو وڌيڪ ذخيرو نه پيو ڪيو وڃي.
بيان ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ تربيلا وٽ پاڻيءَ جي اچ وڃ جو وهڪرو هڪ لک 45 هزار ڪيوسڪ برابر ٿي ويو آهي،.
ارسا موجب ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو 52 لک ايڪڙ فوٽ آهي، منگلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو 32 لک ايڪڙ فوٽ آهي، ڪابل درياهه ۾ ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو وڪرو 98 هزار ڪيوسڪ، چناب ۾ مرالا واري هنڌ پاڻيءَ جي آمد 58 هزار ڪيوسڪ ۽ چشمه بئراج تي سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو 2 لک 34 هزار ڪيوسڪ آهي.
ارسا موجب تونسا بئراج ۾ پاڻيءَ جي آمد هڪ لک 51 هزار ڪيو، گڊو بئراج وٽ هڪ لک 6 هزار ۽ سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو 83 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو…….- Advertisement -
