تازه ترين

سموري پارٽي نوازشريف کي پارتيءَ جو صدر بڻائڻ تي متفق آهي : راڻا ثناءَ الله

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي نئين صدر جي چونڊ اڄ ٿيندي، مسلم ليگ ن پارٽي صدارتي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو،  راڻا ثناءَ الله جو چوڻ آهي ته سموري پارٽي نوازشريف کي پارتيءَ جو صدر بڻائڻ تي متفق آهي،  مسلم ليگ ن جي صدارت لاءِ 11 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته   نواز شريف مسلم ليگ ن کي عوامي پارٽي بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،  سموري پارٽي  نواز شريف سان گڏ آهي. هن چيو ته پارٽيءَ جي آئين موجب سينٽرل ورڪنگ ڪميٽيءَ اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو، اڄ صبح ڏهين وڳي کان ٻارهين وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويندا. راڻا ثناءُ  الله چيو ته منجهند ٽئين وقت قطعي لسٽ تيار ڪئي ويندي، جيڪو به چاهي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهي ٿو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته نوازشريف ن ليگ کي عام ماڻهن جي پارٽي  بڻايو، نوازشريف جي ئي دور ۾ پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻجڻ جو اعزاز مليو. راڻا ثناءُ الله چيو ته نوازشريف کانسواءِ نه پارٽيءَ جا فيصلا اڳ ٿيندا هئا نه هاڻي ٿيندا، پارٽيءَ جي ٻين عهدن تي به ٻين کي موقعو ملڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
2.5kmh
11 %
سُومر
30 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون