گم ٿيل ماڻهن ڪيس : عدالت پاران جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٻن سڳن ڀائرن سميت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر سعيد رند کي ڇنڊ پٽي. سنڌ هائيڪورٽ ٻن سڳن ڀائرن سميت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر سعيد رند کي ڇنڊ پٽي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي بابت ماڻهو پريشان آهن، عدالت اچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت سنگين صورتحال آهي. عدالت معاذ ۽ طلحه بابت لاڳاپيل رپورٽ جاري نه ڪرڻ تي نادرا اختيارين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ڪمشنر ڪراچي، آءِ جي سنڌ ۽ سي آءِ اي کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت گم ٿيل شهري زبير بابت سمورن صوبن ۽ سڄي ملڪ جي جيلن کان رپورٽ طلب ڪئي. عدالت پاران شهرين جا دستاويز اخبارن ۽ عوامي هنڌن تي لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالت زبير سميت ٻين جي ٽريول هسٽري به چئن هفتن ۾ طلب ڪري ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
10%
2.6m/s
0%
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون