سيڙپڪاري بابت ايپڪس ڪميٽي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ ماحول ٺاهڻ تي زور ڀريندي مختلف منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته گهٽ مدي لاءِ حڪومت ملڻ باوجود هو معاشي بحالي جي منصوبن تي عمل يقيني بڻائيندا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو پنجون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، نگران وفاقي ڪابينا، صوبائي نگران وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مختلف شعبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي وزيراعظم عملي قدمن جي منظوري ڪندي مقرر مدي ۾ انهن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته وزير قدمن تي عمل يقيني بڻائن، گهٽ مدي باوجود هو معاشي بحالي واري منصوبي تي عمل يقيني بڻائيندا.
اجلاس کانپوءِ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اعجاز گوهر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته ملڪي معيشيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مخلصاڻي نموني ڪم ڪيو پيو وڃي، سڀ نگران وزير هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ نگران حڪومت قدم کڻي رهي آهي، عام شهريءَ کي معاشي طور خودمختيار ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي.
نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو ته روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪري مهانگائي جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
هن چيو ته مهانگائي جو وڏو سبب سپلاءِ چين متاثر ٿيڻ آهي، صنعت هلي پئي ته 300 رپين جو پئٽرول اڍائي سئو رپين ۾ ملي سگهي ٿو. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عالمي ادارن سان ڪيل معاهدن تي عمل جاري رکيو ويندو.
