گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملو ناڪام بڻايو ويو، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملو ناڪام بڻايو ويو، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، حملي کي سڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي ۾  حملو ڪندڙ سمورا 8 دهشتگرد ماريا ويا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جا ٻه  جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب شهيد جوانن ۾ خيرپور واسي عمران علي ۽ ڊيرا غازي خان واسي بهار خان شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب شهيد جوانن جون قربانيون سندن عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
33%
0.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون