- Advertisement -
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن کي ملندڙ رقم مان ڊوائيس هولڊرن پاران 15 سئو کان 3 هزار رپين تائين ڪٽوتي ڪرڻ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي.
ڊي سي ٽنڊو الهيار سليم الله اوڍو اجلاس گهرائي ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڊي سي ٽنڊو الهيار سليم الله اوڍو جو چوڻ هو ته مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊرن خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪيو وڃي.
بڪيرا شريف ۾ به مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري آهي.
ڊوائيس هولڊرن پاران مستحق عورتن جي رقم مان 2 هزار رپين تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.
مستحق عورتن جو چوڻ هو ته ڏورانهين علائقن کان هو ڀاڙا ڪري شهرن ۾ اچين ٿيون پر پئسا نه ٿا ملن، سڄو ڏينهن نٽهڻ اس ۾ انتظار ڪرايو پيو وڃي- Advertisement -
