تازه ترين

گپچاڻي واسي شاگرد نشي واريون گوريون واپرائڻ سبب فوت

- Advertisement -
گپچاڻي واسي انٽر جو شاگرد نشي واريون گوريون کائڻ سبب فوت  ٿي ويو. نوجوان زوھيب پٽ امداد حسين گپچاڻي کي نشي واريون گوريون کائڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو. اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سندس مڙهه گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو . وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان نشي واريون گوريون کاڌيون جنھن سبب هو فوت ٿي ويو آهي. ھنن چيو ته گپچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ آئيس جو نشو ۽ نشي واريون گوريون سرعام وڪرو ٿي رھيون آھن، جنهن سبب نوجوانن جون زندگيون ضايع ٿي رهيون آهن، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. ھنن ڊي آءِ جي ۽ ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زهر وڪڻندڙن خلاف ڪارروايون ڪري نوجوانن جون قيمتي حياتيون بچايون وڃن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
25 %
5.4kmh
24 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
28 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون