تازه ترين

گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو بند ڪرڻ لاءِ او آءِ سي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

- Advertisement -
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو بند ڪرڻ لاءِ بابت او آءِ سي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب او آءِ سي پاران پيش ڪيل ٺهراءُ جي 47 مان 28 ميمبر ملڪن حمايت ڪئي جڏهن ته 3 ان جي مخالفت ڪئي، 13 ميمبر ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ٺهراءَ جي متن ۾ اسرائيل جي حملن کي نسل ڪشي جي برابر قرار ڏنو ويو، اسرائيلي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 33 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. منظور ڪيل قرارداد ۾ ميمبر ملڪن کان سخت لفظن ۾ مذمت جو مطالبو ڪيو ويو ته اسرايل کي هٿيار، گولا بارود ۽ ٻئي فوجي سامان جي وڪري، منتقلي يا فراهمي کي روڪيو وڃي ته جيئن عالمي انساني قانون ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪي سگھجي. هوڏانهن جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير ميرو ايلون شاهر قرارداد جي مذمت ڪندي ان کي انساني حقن واري ڪائونسل ۽ گڏيل قومن تي هڪ داغ قرار ڏنو. ٻئي پاسي يهودي فوج جا غزه تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 54 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميديا ج چوڻ آهي ته گذريل سال 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 33 هزار 91 ٿي ويو جڏهن ته 75 هزار 750 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون