- Advertisement -
ڳڙھي ياسين ويجهو هٿياربند رائيس مل تان 8 مڻ وزني ٽجوڙي کڻي فرار ٿي ويا.
باءِ پاس لڪڙا ھوٽل ويجهو دراني رائيس مل تي 15 کان وڌيڪ ھٿياربند ڪاهه ڪري چوڪيدار ۽ عملي کي يرغمال بڻائي 8 مڻ وزني ٽجوڙي کڻي ويا، جنهن ۾ لکين رپيا روڪ رقم ۽ کاتي جا ضروري ڪاغذ ۽ ٻيو سامان ٻڌايو پيو وڃي.
پوليس ۽ ٽائون چيئرمين واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا.
پوليس جو چوڻ هو ته دراني رائيس مل ۾ ھٿياربندن سيلر ۾ داخل ٿي پيرسن چوڪيدار کي يرغمال بڻائي ٽجوڙي کڻي ويا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن چوٻول آهن ته ٽائون چيئرمين ڳڙھي ياسين ۽ ايس ايڇ او لکين رپين جي چوري واري معاملي کي دٻائيندي راڄوڻي ذريعي چوري واپس ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.- Advertisement -
