- Advertisement -
پ پ کان ناراض اڳوڻي ايم اين اي سيد علي نواز شاھ چيو آھي تھ ھو قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ٻن تڪن تي آزاد اليڪشن وڙھي رھيو آھي، مخالف وائڙائپ جو شڪار ٿيڻ سبب غلط افواھ پکيڙي رھيا آھن.
2018 جي اليڪشن ۾ پ پ قيادت کان ناراض ٿيڻ بعد آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ سيد علي نواز شاھ چيو تھ ھو ۽ سندس پٽ شجاع محمد شاھ ميرپورخاص ضلعي جي قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن 211 ۽ 212 سميت صوبائي اسيمبلي جي ٻن تڪن 46 ۽ پي ايس 47 تي اليڪشن وڙھي رھيا آھن، جنھن کان پوءِ مخالفن افواھ پکيڙڻ شروع ڪيا آھن تھ ھو ڪنھن تڪ تان ھٿ کڻي رھيو آھي، اھڙين ڳالھين ۾ ڪا بھ صداقت ناھي.
سندس چوڻ هو ته اڳ بھ تڪ جي عوام مطالبي تي تي اليڪشن وڙھي ۽ ڪاميابي ماڻي، ھن ڀيري بھ ھو چونڊ وڙھيو پيو، جنھن ۾ سوڀ سندس ۽ عوام ئي جي ٿيڻي آھي.
اڳوڻي ايم اين اي سيد علي نواز شاھ چيو سندس مخالف وائڙپ جو شڪار ٿي ويا آھن، ان ڪري علائقي اندر اھڙيون ڳالھيون پکيڙي رھيا آھن.
ھن چيو تھ ميرپورخاص جي قومي تڪ 219 تي آزاد حيثيت ۾ کيس 75 ھزار 872 ووٽ مليا ھئا، جنھن ۾ ھن مخالف اميدوار کي 8 ھزار ووٽن جي ليڊ سان شڪست ڏني ھئي ۽ ھن دفعي بھ ھو عوام جي سھڪار سان ڪاميابي ماڻيندو…- Advertisement -
