آءِ ايم ايف وفد قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ پاڪستاني عملدارن سان ڳالهين لاءِ اڄ اسلام آباد پهچي رهيو آهي

- Advertisement -
آءِ ايم ايف وفد قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ پاڪستاني عملدارن سان ڳالهين لاءِ اڄ اسلام آباد پهچي رهيو آهي. اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ عالمي مالياتي فنڊ جو وفد 14 کان 18 مارچ تائين معاشي جائزي لاءِ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪندو، آءِ ايم ايف وفد ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ، پلاننگ ڪميشن ۽ پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن سان به ملاقاتون ڪندو. آءِ ايم ايف جي وفد جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ناڻي وارو وزير آمريڪا روانو ٿيندو جتي هو 15 کان 20 اپريل تائين ترسندو. محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي سالياني وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ هوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون