تازه ترين

آئين ۾ لکيو ويو آهي ته نااهل ميمبر ڊي سيٽ ٿيندو ته  ڊي سيٽ ئي هوندو:چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئين ۾ لکيو ويو آهي ته نااهل ميمبر ڊي سيٽ ٿيندو ته  ڊي سيٽ ئي هوندو، هڪ طرف راءِ ڏني وئي ته باغي ميمبر ڊي سيٽ ٿيندو ۽ ٻئي طرف چيو ويو ته  نااهلي جي مدي بابت فيصلو پارليامينٽ ڪندي ته اهو تضاد آهي، ججن بابت ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ جسٽس منصور علي شاهه جو انتظار ڪيو پر سندس انڪار بعد وٽن ٻيو ڪو آپشن نه بچيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس مظهر عالم، جسٽس جمال مندو خيل ۽ جسٽس نعيم افغان تي ٻڌل 5 رڪني بينچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

لارجر بينچ ۾ جسٽس نعيم افغان  کي جسٽس منيب اختر جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو ۽ چيف جسٽس ڪميٽي گڏجاڻي ۽ جسٽس منيب اختر جي حوالي سان ٻڌڻي جي شروعات ۾ آگاهه ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته جسٽس منيب اختر کي ڪالهه واري ٻڌڻي بعد بينچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست موڪلي هئي پر هن پنهنجي پوزيشن برقرار رکي، هن ڪميٽي ۾ جسٽس منصور علي شاهه کي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

ٻڌڻي جي شروعات ۾ پي ٽي آءِ وڪيل علي ظفر بينچ تي اعتراض واريو، ان تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ويهي وڃون، اوهان کي بعد ۾ ٻڌو ويندو.

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت دليل ڏنا ته ان ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس به هو، ان تي چيف جسٽس چيو ته صدارتي ريفرنس تي صرف راءِ ڏئي سگهجي ٿي پر فيصلو نٿو ٻڌائي سگهجي.

چيف چسٽس رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته آرٽيڪل 63 اي جو فيصلو بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو، اڄ ڪلهه سپريم ڪورٽ ۾ ڪجهه به بند دروازن پويان نه ٿي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ طرفان 63 اي بابت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
37 %
2.5kmh
2 %
اڱارو
18 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون