تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آئين ۾ لکيو ويو آهي ته نااهل ميمبر ڊي سيٽ ٿيندو ته  ڊي سيٽ ئي هوندو:چيف جسٽس

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئين ۾ لکيو ويو آهي ته نااهل ميمبر ڊي سيٽ ٿيندو ته  ڊي سيٽ ئي هوندو، هڪ طرف راءِ ڏني وئي ته باغي ميمبر ڊي سيٽ ٿيندو ۽ ٻئي طرف چيو ويو ته  نااهلي جي مدي بابت فيصلو پارليامينٽ ڪندي ته اهو تضاد آهي، ججن بابت ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ جسٽس منصور علي شاهه جو انتظار ڪيو پر سندس انڪار بعد وٽن ٻيو ڪو آپشن نه بچيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس مظهر عالم، جسٽس جمال مندو خيل ۽ جسٽس نعيم افغان تي ٻڌل 5 رڪني بينچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. لارجر بينچ ۾ جسٽس نعيم افغان  کي جسٽس منيب اختر جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو ۽ چيف جسٽس ڪميٽي گڏجاڻي ۽ جسٽس منيب اختر جي حوالي سان ٻڌڻي جي شروعات ۾ آگاهه ڪيو. چيف جسٽس چيو ته جسٽس منيب اختر کي ڪالهه واري ٻڌڻي بعد بينچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست موڪلي هئي پر هن پنهنجي پوزيشن برقرار رکي، هن ڪميٽي ۾ جسٽس منصور علي شاهه کي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ پي ٽي آءِ وڪيل علي ظفر بينچ تي اعتراض واريو، ان تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ويهي وڃون، اوهان کي بعد ۾ ٻڌو ويندو. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت دليل ڏنا ته ان ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس به هو، ان تي چيف جسٽس چيو ته صدارتي ريفرنس تي صرف راءِ ڏئي سگهجي ٿي پر فيصلو نٿو ٻڌائي سگهجي. چيف چسٽس رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته آرٽيڪل 63 اي جو فيصلو بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو، اڄ ڪلهه سپريم ڪورٽ ۾ ڪجهه به بند دروازن پويان نه ٿي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان 63 اي بابت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون