ايشيا جي وڏي تاريخي قبرستان مڪلي جي قديم آثارن تي تحقيق لاءِ آيل اٽلي جي ريسرچر جوڙي آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميه ۽ پوليس طرفان مسلسل تنگ ڪرڻ واري رويي کان تنگ ٿي واپسي جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
آرڪيالاجي جي نگران وزير جي مڪلي جي قديم آثارن جي دوري دوران اٽلي جي تحقيق لاءِ آيل سياح جوڙي پوليس طرفان پيڇو ڪري تحقيق جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران سهڪار نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون.
قديم آثارن جي دوري تي پهتل آرڪيالاجي جي نگران وزير ارشد ولي محمد حاڪم ڄام نظام الدين جي مزار تي پهچڻ وقت چوڪيدار غائب هو ۽ اڌ ڪلاڪ تائين انتظار بعد نگران وزير تالو ٽوڙائي مزار جي اندرين حصي جو دورو ڪري جائزو ورتو.
قديم آثارن جي دوري دوران قديم آثارن کي گهمندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ اٽلي جي سياح جوڙي نگران وزير جي اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي شڪايت ڪئي ته هڪ پاسي آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميه ساڻن سهڪار نه پئي ڪري ۽ ٻئي طرف پوليس سندن پيڇو نه پئي ڇڏي.
اٽلي جي سياح جوڙي اهو به چيو ته هِن پرامن خطي ۾ آثارن کي آزادي سان گهمڻ ۽ ريسرچ ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي.
هنن چيو ته انتظاميه جي اهڙي عمل سبب هو سخت ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا آھن
ريسرچ ڪندڙ اٽلي جي جوڙي وزير آڏو اهو به واضع ڪيو ته اها صورتحال رهي ته پاڪستان جي قديم آثارن تي تحقيق لاءِ ڪوبه پرڏيهي سياح نه ايندو.،،