تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آرڪيالاجي کاتي ۽ پوليس پاران مسلسل تنگ اچي اٽلي جي ريسرچر جوڙي واپسي جو فيصلو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ايشيا جي وڏي تاريخي قبرستان مڪلي جي قديم آثارن تي تحقيق لاءِ آيل اٽلي جي ريسرچر جوڙي آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميه ۽ پوليس طرفان مسلسل تنگ ڪرڻ واري رويي کان تنگ ٿي واپسي جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

آرڪيالاجي جي نگران وزير جي مڪلي جي قديم آثارن جي دوري دوران اٽلي جي تحقيق لاءِ آيل سياح جوڙي پوليس طرفان پيڇو ڪري تحقيق جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران سهڪار نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون.

قديم آثارن جي دوري تي پهتل آرڪيالاجي جي نگران وزير ارشد ولي محمد حاڪم ڄام نظام الدين جي مزار تي پهچڻ وقت چوڪيدار غائب هو ۽ اڌ ڪلاڪ تائين انتظار بعد نگران وزير تالو ٽوڙائي مزار جي اندرين حصي جو دورو ڪري جائزو ورتو.

قديم آثارن جي دوري دوران قديم آثارن کي گهمندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ اٽلي جي سياح جوڙي نگران وزير جي اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي شڪايت ڪئي ته هڪ پاسي آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميه ساڻن سهڪار نه پئي ڪري ۽ ٻئي طرف پوليس سندن پيڇو نه پئي ڇڏي.

اٽلي جي سياح جوڙي اهو به چيو ته هِن پرامن خطي ۾ آثارن کي آزادي سان گهمڻ ۽ ريسرچ ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته انتظاميه جي اهڙي عمل سبب هو سخت ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا آھن

ريسرچ ڪندڙ اٽلي جي جوڙي وزير آڏو اهو به واضع ڪيو ته اها صورتحال رهي ته پاڪستان جي قديم آثارن تي تحقيق لاءِ ڪوبه پرڏيهي سياح نه ايندو.،،

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
13 %
5.3kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون