- Advertisement -
آمريڪا جو پاڪستان ۽ ايران جي ڇڪتاڻ تي رد عمل، آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته ايران کي خطي ۾ وڌيڪ پسند نه ٿو ڪيو وڃي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اها ڳالهه پاڪ – ايران حملن مان ظاهر ٿئي ٿي ته ايران کي خطي ۾ وڌيڪ نه ٿو پسند ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو نه ٿا چاهيون.
ٻئي پاسي امريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي پاڪستان ۽ ايران جي صورتحال تا ڳالهائيندي چيو ته هو صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهن.
جان ڪربي چيو ته هو پاڪستاني حڪمرانن سان رابطي ۾ آهن، هو ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهن ٿا.- Advertisement -
